شهيد علي خامنه اي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ طالبان وفد ۽ احمد مسعود به پهتو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز جي شروعات ۾ ٻين پرڏيهي وفدن کان علاوه طالبان جو وفد به موجود هو.

عالمي خابرو اداري موجب ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو مڙهه خاڪي امام خميني مسجد آندو ويو، جتي پرڏيهه مان آيل وفد فاتحه خواني ڪئي ۽ اعليٰ اختيارين سان تعزيت ڪئي.

جنهن ۾ افغانستان جي طالبان حڪومت جي هڪ اعليٰ وفد به شرڪت ڪئي. طالبان وفد جي اڳواڻي نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر آخوند ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي ڪري رهيو هو. وفد ايراني اختيارين ۽ شهيد اڳواڻ جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته طالبان جي وفد جي آمد سان گڏ قومي مزاحمتي محاذ جو سربراهه احمد مسعود، جيڪو افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو مخالف آهي ۽ اڃا تائين پنجشير صوبي ۾ مقيم آهي، به تهران پهتو.

ان کان علاوه شيعه اڳواڻ حزب وحدت اسلامي جي امير محمد محقق به شرڪت ڪئي ۽ آيت الله علي خامنه اي جي خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ تعزيت ۽ مغفرت جي دعا ڪئي.

شهيد علي خامنه اي جي جنازي نماز جي حوالي سان تعزيتي تقريبن جو سلسلو 9 جولاءِ تي مشهد ۾ ختم ٿيندو، جتي کيس امام رضا جي مزار ۾ دفن ڪيو ويندو.

ايراني ميڊيا موجب 100 کان وڌيڪ ملڪن جي سربراهن، اعليٰ اختيارين ۽ نمائندن آيت الله خامنه اي جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، رڳو تهران ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment