ايران جنگ جو وڏو اثر، دنيا جو مهانگو پيٽرول ڪٿي ويو؟ ان لسٽ ۾ پاڪستان به شامل آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ، خطي ۾ جنگ جي صورتحال ۽ آبنائے هرمز جي بندش سبب سڄي دنيا ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن تي خاص اثر پيو آهي.

عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال سبب 150 ملڪن پيٽرول ۽ ٻين ايندھن جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو آهي.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب ايران جنگ جي شروعات ۽ آبنائے هرمز جي بندش کانپوءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ڪمبوڊيا ۾ ڏٺو ويو.

رپورٽ موجب ڪمبوڊيا ۾ فيبروري دوران پيٽرول جي قيمت 1.11 ڊالر في ليٽر هئي جيڪا مارچ ۾ وڌي 1.32 ڊالر في ليٽر ٿي وئي. اهڙي ريت پيٽرول جي قيمت ۾ صرف هڪ مهيني ۾ 67.81 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

رپورٽ موجب پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان پاڪستان ڇهين نمبر تي آهي. پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت فيبروري دوران 0.92 ڊالر في ليٽر هئي، مارچ ۾ 24.49 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 1.15 ڊالر في ليٽر ٿي وئي.

ماهرن موجب آبنائي هرمز هڪ انتهائي اهم عالمي تيل شپنگ روٽ آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ يا خلل فوري طور تي عالمي توانائي مارڪيٽن کي متاثر ڪندو. اهو ئي سبب آهي ته تازو ايران سان لاڳاپيل بحران سڄي دنيا ۾ تيل جي قيمتن تي دٻاء وڌو آهي.

اقتصادي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي ۽ آبنائے هرمز ذريعي تيل جي ترسيل متاثر ٿيندي رهي ته ايندڙ مهينن ۾ عالمي سطح تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment