بلوچستان جي ساحلي علائقي گوادر جي اولهه ۾ تيل ڦاٽڻ جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
تفصيل موجب دبئي بيلويو پاڪستان جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر محمد معظم خان جو چوڻ هو ته 10 مئي تي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته تيل ٽاربال يا آئل پيسٽ ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي ساحل تائين پهچي سگهي ٿو.
هن چيو ته ايران جي پارٽل ٻيٽ مان تيل ڦاٽي جو واقعو پيش آيو، ان تيل جي اصليت جو پتو لڳائڻ لاءِ فنگر پرنٽنگ جو عمل پي پي ايل ۽ او جي ڊي سي ايل جي آفيسرن ذريعي ئي ممڪن آهي.
جڏهن ته هن چيو ته تازي صورتحال ۾ گوادر ۾ سامونڊي لهرن ۽ وهڪرن سبب تيل جي کوٽ ٿي آهي. گوادر جو الهندي نار هاڻي مڪمل طور تي تيل کان خالي آهي.


