پاڪستان انڊر 18 ايشيا ڪپ ۾ فتح جي شروعات ڪري ڇڏي.
جاپان جي شهر ڪاڪميگهارا ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ چين کي 0-3 تان شڪست ڏني.
پاڪستان طرفان پهريون گول پهرين هاف جي ڇهين منٽ ۾ عثمان، ٻيو گول 11هين منٽ ۾ عديل ۽ ٽيون گول ياسين 56هين منٽ ۾ ڪيو.
پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 31 مئي تي ملائيشيا خلاف ۽ ٽيون ميچ 3 جون تي بنگلاديش خلاف کيڏندو.
ٻئي ميچون رات 3 وڳي کيڏيون وينديون.
ايشين هاڪي فيڊريشن پاران منعقد ڪيل انڊر 18 ايشيا ڪپ 29 مئي کان 6 جون تائين جاري رهندو.


