يوٽيوب ڊڪي ڀائي کي عدالت مان وڏو رليف ملي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ضلعي کچہری ۾ يوٽيوب سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي خلاف التوا واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، عدالت سندس نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جڊيشل مئجسٽريٽ نعيم ويٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پيشي مڪمل ڪئي. اين سي سي آءِ اي پاران جوابدارن خلاف آن لائن جوا ايپس کي هٿي وٺرائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عدالتي ڪارروائي دوران اين سي سي آءِ اي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته يوٽيوب سعد الرحمان جو نالو پي اين آءِ ايل لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شروعاتي طور تي جوابدار جو نالو جاچ ۾ عدم تعاون سبب لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو پر بعد ۾ ضمانت ٿيڻ بعد هو جاچ ۾ شامل ٿيو. جاچ اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي جو نالو ڪڍڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر اين سي سي آءِ اي کي باضابطا خط به اماڻيو ويو آهي جنهن ۾ نالو ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. واضح رهي ته سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي خلاف آن لائن جوا ايپ کي پروموٽ ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو پر هاڻوڪي پيش رفت ۾ کيس انتظامي سطح تي وڏو رليف مليو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment