مودي سرڪار جي سرپرستي ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


هندو انتهاپسند تنظيم بي جي پي جي ڪٺ پتلي مودي سرڪار جي سرپرستي ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو بزدلاڻو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي.

ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ رياستي سرپرستي ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ سرگرم آهي. ڀارتي دهشتگردي جي فنڊنگ ۽ ان جي پاڇي فتنا الهند جا ڪيترائي ناقابل ترديد ثبوت عالمي منظر تي سامهون اچي چڪا آهن.

پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي آفيسر ڪلڀوشن ياديو به ڀارتي دهشتگردي جو کليل اعتراف ڪري ورتو آهي. ڀارت جي قومي سلامتي جو صلاحڪار اجيت ڊول هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان کي ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي.

بلوچستان مان گرفتار دهشتگردن ڀارت طرفان مالي، تربيتي ۽ انٽيليجنس مدد فراهم ڪرڻ جا به چٽا انڪشاف ڪيا آهن. ڪينيڊا، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ سک اڳواڻن جو وحشياڻو قتل به ڀارتي رياستي دهشتگردي جو چٽو ثبوت آهي.

ماهرن موجب پاڪستان ڀارتي رياست جي سرپرستي ۾ پکڙيل دهشتگردي جا ناقابل ترديد ثبوت بار بار دنيا آڏو رکيا آهن. ڀارت خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ لاءِ منظم حڪمت عملي تحت ٻاهرين ملڪ دهشتگردي خلاف مهم هلائي رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment