ڀارت ۾ قيد چار پاڪستاني آزاد ٿيڻ بعد وطن واپس پهچي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ڪوششن سان ڀارت ۾ قيد چار پاڪستاني آزاد ٿيڻ بعد واپس پاڪستان پهچي ويا.

ڀارتي اختيارين واهگه بارڊر تي پاڪستاني شهرين کي پاڪستان رينجرز حوالي ڪيو، جن ۾ محمد عرفان، عامر رضا، محمد حمزه ۽ حسنين شامل آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب اهي چارئي ڄڻا گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ رحيم يار خان جا رهواسي آهن ۽ ذهني طور معذور هئا، جنهن سبب هنن 2025ع ۾ غلطي سان سرحد پار ڪئي هئي.

نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان پيش رفت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ڀارت ۾ قيد سمورن پاڪستانين جي آزادي ۽ وطن واپسي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽا سٽا وارو عمل ٻطرفي معاهدي تحت جاري آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1 جنوري 2026 تي قيدين جي تازه ترين لسٽن جو تبادلہ ٿيو هو، جنهن موجب پاڪستان ڀارت ۾ قيد 266 پاڪستانين جي فهرست فراهم ڪئي هئي، جڏهن ته ڀارت پاڪستان ۾ قيد 462 ڀارتي قيدين جا تفصيل شيئر ڪيا هئا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment