آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سمجهي رهيو هو ته هو ڊيل تي وقت گذاريندو ۽ انتظار ۾ ٿڪجڻ کانپوءِ آمريڪا کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندو پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران سمجهي رهيو هو ته هو مون کي تنگ ڪندو ۽ ان کي معاهدي تائين پهچڻ کان روڪيندو پر ايران هاڻي سمجهي رهيو آهي ته ان وٽ ڊيل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي.
هڪ ٻئي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته هو هن وقت ايران سان امڪاني معاهدي جي اڳڀرائي مان مڪمل طور تي مطمئن نه آهي پر صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي.
وائيٽ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته کيس يقين آهي ته ايراني قيادت ڊيل ڪرڻ چاهي ٿي، پر اڃا تائين گهربل نتيجا نه مليا آهن.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسان اڃان مطمئن نه آهيون پر هونداسين. هونداسين. جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته پوءِ ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو سياسي دٻاءُ يا چونڊ شيڊيول جي ڪري ايران سان معاهدي ۾ جلدي نه ڪندو.
وائيٽ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته کيس مڊٽرم چونڊن جي پرواهه ناهي.


