پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، يوم تڪبير تي هٿياربند فوجن جو عزم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

28 هين يوم تکبير جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ملڪ جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ هر قسم جي قرباني ڏني ويندي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدو پوري پاڪستاني قوم کي يوم تکبير جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.

پنهنجي گڏيل پيغام ۾ فوجي قيادت چيو ته 28 مئي 1998ع پاڪستان جي تاريخ جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو ۽ دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي.

جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوم تڪبير قومي اتحاد، استقامت ۽ مادر وطن جي دفاع لاءِ غير متزلزل عزم جي علامت آهي.

هي تاريخي ڪاميابي ملڪ جي بصيرت رکندڙ قيادت، سائنسدانن، انجنيئرن، هٿياربند فوجن ۽ پوري قوم جي گڏيل قربانين ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي.

پنهنجي پيغام ۾ هٿياربند فوج ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت هڪ مقدس قومي امانت آهي جيڪا خطي ۾ امن، استحڪام ۽ موثر دفاعي حڪمت عملي جي ضامن سمجهي وڃي ٿي.

فوجي قيادت چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مادر وطن جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ ملڪ جي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي رهندي.

يوم تکبير جي موقعي تي قوم اتحاد، شعور، استقامت ۽ ترقي يافته پاڪستان جي عزم جي تجديد ڪندي ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.

پاڪستان زندہ باد…پاڪستان زنده باد





Source link

Share This Article
Leave a Comment