ڪراچي جي مختلف علائقن مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


شهر قائد جي مختلف علائقن مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.

ڳجهي ذريعن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن ۾ منشيات واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 06 ٿي ويو آهي.

فاطمه جناح اسڪول ماهره گارڊن ڀرسان 01 ڄڻن جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پر سندس عمر 35 سالن جي لڳ ڀڳ آهي.

رنڇوڙ لائين تي الشفا ڪلينڪ وٽان 01 ڄڻن جو لاش هٿ آيو. سندس سڃاڻپ اڃا نه ٿي سگهي آهي، پر سندس عمر 30 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. ان کان علاوه نمائش پيپلز چورنگي وٽان 55 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو آهي.

ڪلفٽن نيلم ڪالوني جي گهٽي نمبر 17 ڀرسان گهر مان نوجوان جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ اسد ولد نذير عمر 17 سال آهي.

ان کان علاوه سهراب ڳوٺ پل جي هيٺان 35 ورهين جي شخص جو لاش پڻ هٿ آيو آهي.

چيپا فائونڊيشن جي ترجمان موجب سمورا لاش منشيات فروشن جا آهن جيڪي شايد منشيات جي وڌيڪ استعمال ۽ سخت گرمي سبب فوت ٿيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment