ايراني صدر مسعود پاشڪيان جنگ بندي ڳالهين ۾ تعطل تي واضح موقف اختيار ڪيو، آمريڪا جي ضد کي سبب قرار ڏنو.
عالمي خابرو اداري موجب ايراني صدر مسعود پاشڪيان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جنگ بندي ڳالهين کان انڪار جو سبب بيان ڪيو.
آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا ايراني بحريه جي ناڪابندي ڪري رهيو آهي، صدر ٽرمپ مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ واعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اهي ٽي سبب آمريڪا سان حقيقي ۽ جامع ڳالهين جي راهه ۾ بنيادي رڪاوٽ آهن. سيز فائر ڳالهين کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ٻيهر شروع نٿو ڪري سگهجي.
ايراني صدر مسعود پاشڪيان چيو ته ايران ڳالهين ۽ معاهدي جي آجيان ڪئي آهي ۽ اڃا به ڪري ٿو. دنيا توهان جي بي انتها منافقانه بيان بازي، دعوائن ۽ عملن ۾ تضاد ڏسي رهي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ ايران تي حملو نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته ايران جي سياسي ۽ فوجي قيادت وچ ۾ آبنائي هرمز تي ڪو معاهدو ٿيڻ تائين جنگ بندي جاري رهندي.


