اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جون بدليون جڊيشل ڪميشن جو اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي بدلين بابت جڊيشل ڪميشن جو اهم اجلاس 28 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس تمن رفعت امتياز، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس بابر ستار جي بدلي واري معاملي تي غور ڪيو ويندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني جي لاهور هاءِ ڪورٽ منتقلي تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته جسٽس بابر ستار جي پشاور هاءِ ڪورٽ منتقلي جو به جائزو ورتو ويندو.

اهڙي طرح جسٽس ثمن رفعت امتياز ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ منتقلي تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته جسٽس ارباب محمد طاهر جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ منتقلي تي به فيصلو اچڻ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment