راولپنڊي ۽ پشاور ۾ گيس لڪيج سبب ڌماڪو، ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


راولپنڊي ۽ پشاور ۾ گيس لڪيج سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

راولپنڊي جي علائقي صادق آباد جي علائقي ڪيري روڊ تي گيس ليڪ ٿيڻ سبب گهر ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ويجهي اسپتال منتقل ڪيو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ آپريشن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو.

ٻئي طرف پشاور ۾ حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي وقار ظهير هاسٽل ۾ گيس لڪيج سبب ڌماڪو ۽ باهه جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اسپتال جي ترجمان وسيم خٽڪ موجب واقعو صبح 8 وڳي پيش آيو جڏهن هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾ گيس لڪيج سبب زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد باهه لڳي وئي. واقعي ۾ ڪمري جي رهواسين سميت وڌيڪ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ادارن فوري ڪارروائي ڪندي زخمين کي برن اينڊ پلاسٽڪ سرجري سينٽر منتقل ڪيو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا واقعي جي سببن جي ڳولا لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment