سنڌ جي وڏي وزير آمريڪي سيڙپڪارن کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
4 Min Read



سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪي سيڙپڪارن کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اسان جي حڪومت پاليسين جو تسلسل، ريگيوليٽري سهولت ۽ هر ممڪن حڪومتي سهڪار فراهم ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪي اعليٰ سطحي واپاري وفد جي اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ آمريڪي سيڙپڪارن، واپارين، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، ميئر ڪراچي، سنڌ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته توانائي، ٽيڪنالاجي، انفراسٽرڪچر، سياحت، صحت ۽ زراعت ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي شفاف، مستحڪم ۽ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت ۾ 25 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي، سنڌ علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن لاءِ قدرتي گيٽ وي آهي. خاص مددگار قاسم نويد سنڌ جي اقتصادي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ريگيوليٽري سڌارن ۽ ڊجيٽل گورننس ذريعي ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري رهي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ڪوئلي، ونڊ ۽ سولر انرجي جا وسيع وسيلا سنڌ جي وڏي معاشي طاقت آهن، ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم سنڌ کي عالمي واپار جو اهم مرڪز بڻائي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير ڪيٽي بندر انٽيگريٽيڊ انڊسٽريل اينڊ ميري ٽائيم حب منصوبي تي روشني وڌي. هن چيو ته سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر ۽ گرين انرجي ڊيٽا سينٽر سيڙپڪارن لاءِ نوان موقعا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ اي آءِ انفراسٽرڪچر، انڊسٽريل زونز، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ ۽ ڊسيلينيشن جا منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن. صحت، ٽيڪنالاجي، مينوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل فنانس ۾ سيڙپڪاري جا روشن موقعا موجود آهن، سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي منصوبن جي تياري، منظوري ۽ ان تي عملدرآمد ۾ ڀرپور سهولتون فراهم ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ايشيا جي ڪامياب ترين ماڊلز ۾ شامل آهي. ٿر ڪول، ڀٽو هاءِ وي، اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ ٻيا منصوبا پيپلز پارٽيءَ جا سنڌ جا ڪامياب ماڊل آهن. سنڌ حڪومت خانگي شعبي لاءِ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جا نوان منصوبا پيش ڪري رهي آهي. آمريڪي وفد کي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، انڊسٽريل پارڪ ۽ آبي زراعت ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيش ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير مرين فوڊ ايڪسپورٽ، گرين ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ سياحت جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. آمريڪي ڪاروباري وفد سنڌ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ قابل تجديد توانائي، AI، ڊيٽا سينٽرز، فنٽيڪ ۽ صحت جي شعبن ۾ دلچسپي ڏيکاري. سنڌ جو اسٽريٽجڪ مقام، وسيع بازار ۽ صنعتي انفراسٽرڪچر سيڙپڪارن جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو. آمريڪي وفد سنڌ جي پي پي پي فريم ورڪ ۽ پاليسين جي تسلسل کي سيڙپڪاري لاءِ هاڪاري قرار ڏنو جڏهن ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري بابت وڌيڪ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وفد چيو ته سنڌ حڪومت ۽ آمريڪي سيڙپڪار ممڪن منصوبن جي نشاندهي لاءِ ويجها رابطا رکندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سيڙپڪاري جا نوان منصوبا روزگار، جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سيد مراد علي شاهه سنڌ ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهي مدي واري اقتصادي پارٽنرشپ جي شروعات جو اعلان ڪندي چيو ته ڪامياب پارٽنرشپ اعتماد، جدت ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيڙپڪاري کاتي ۾ آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي. هن چيو ته هي ڊيسڪ آمريڪي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ خاص سهولتون فراهم ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment