قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران مختلف وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ وزيراعظم سان ٿيل ملاقاتن جا تفصيل پيش ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل هڪ سال دوران اهم قومي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ سڌارن لاءِ ڪل 256 ملاقاتون ڪيون. ايوان کي ٻڌايو ويو ته انهن ملاقاتن جو مقصد مختلف وزارتن ۽ کاتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ حڪومتي معاملن کي موثر بڻائڻ آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي شهلا رضا سوال اٿاريو ته وزيراعظم ايف بي آر بابت 25 اجلاس ڪيا پر ان باوجود ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ ڪا خاص بهتري ڇو ناهي آئي؟ ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن حڪومت جي قدمن جو دفاع ڪندي چيو ته وزيراعظم جي ملاقاتن ۽ پاليسي فيصلن جو نتيجو آهي ته ملڪ جيڪو 2022ع ۾ ڏيوالي طرف وڃي رهيو هو، اهو هاڻي صحيح رخ ۾ وڃي رهيو آهي.
Source link

وزيراعظم مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ بهتري لاءِ ڪيترا اجلاس ڪيا؟ تفصيل سامهون اچي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

