شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي شهادت ڪو پهريون واقعو ناهي. فتنا خوارج اڳ به عالمن کي نشانو بڻائيندو رهيو آهي.
مشهور ديني عالم شيخ الحديث مولانا محمد ادريس کي اڄ چارسده جي علائقي اتمانزئي ۾ خوارج جي هٿان ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي مدرسي ڏانهن وڃي رهيا هئا.
مولانا شيخ محمد ادريس جي ان وحشياڻي قتل تي عوام طرفان گهري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ صوبائي حڪومت جي طرفان امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ تي عوامي حلقن ۾ سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
21 جولاءِ 2025 تي چارسده ٿاڻي جي حد ۾ فتنا خوارج مشهور مذهبي اڳواڻ پير ابراهيم کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
10 جولاءِ 2025ع تي باجوڙ جي علائقي شندئي موري ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مولانا خان زيب کي به فتنا الخوارج شهيد ڪيو ويو.
14 مارچ 2025ع تي ڏکڻ وزيرستان ۾ جي يو آءِ جو ضلعي امير مولانا عبدالله نديم مسجد تي آپگهاتي حملي ۾ زخمي ٿي پيو.
28 فيبروري تي اڪورا خٽڪ ۾ دارالعلوم حقانيه مسجد کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا حامد الحقاني شهيد ٿي ويو.
ماهرن موجب سيڪيورٽي فورسز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ فتنا خوارج معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ماهرن جو چوڻ هو ته سڪيورٽي ادارا فتني خوارج جي انهن مذموم ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، فتنا خوارج جا عالمن تي لڳاتار حملا سندن غير اسلامي ۽ انسانيت جي دشمن هجڻ جو واضح ثبوت آهن.


