اسلام آباد:
عدالت مڪي کان بار بار پئسا گهرڻ ۽ تشدد ڪرڻ تي مڙس کي قتل ڪندڙ عورت جي سزا ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ افشان سحر جي عمر قيد جي سزا کي گهٽائي 14 سال قيد ڪري ڇڏيو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ مڪي کان بار بار پئسا گهرڻ ۽ مٿس تشدد ڪرڻ تي مڙس جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وڪيل شهزادي ريحان موقف اختيار ڪيو ته مقتول جو مڙس بيروزگار هو ۽ زال تي تشدد ڪندو هو. وڪيل موجب هو افشان سحر کي مجبور ڪندو هو ته مڪي کان بار بار پئسا گهرندو هو.
وڪيل چيو ته جوابدار کي 4 ٻار آهن. سندس ماءُ اڪثر مالي مدد ڪندي هئي پر آخري ڀيرو سندس ماءُ پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي مڙس افشان سحر کي تشدد جو نشانو بڻايو.
پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مڙس کي مٿي تي وار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو. ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته عام طور تي مڙس ئي زال کي ماريندو آهي، هي پهريون ڪيس آهي جنهن ۾ زال مڙس کي قتل ڪيو هجي. هن پڇيو ته ڇا جوابدار افشان پنهنجي بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي؟
ٻڌڻي دوران جسٽس اشتياق ابراهيم رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ جوابدار جا ٻه ڀائر به نامزد هئا پر انهن کي آزاد ڪيو ويو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي ٽنهي جوابدارن کي بري ڪيو وڃي ها جيڪڏهن استغاثه جي ثبوتن جي بنياد تي فيصلو ٿئي ها.
وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار جي عزت کي خطرو آهي، جنهن تي هن رد عمل ظاهر ڪيو. جنهن تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ پڇاڻو ڪيو ته چئن ٻارن کي جنم ڏيڻ کانپوءِ به عزت کي خطرو آهي؟ وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته افشان سحر 2016 کان جيل ۾ آهي ۽ لڳ ڀڳ 10 سال قيد ڪاٽي چڪي آهي.
دليل مڪمل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ افشان سحر جي عمر قيد جي سزا کي گهٽائي 14 سال قيد ڪري ڇڏيو.


