پشاور. عدالت خانگي قرض تي سود طلب ڪندڙ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پشاور جي سيشن عدالت خانگي قرض تي مبينا غير قانوني سود وٺڻ خلاف داخل درخواست تي اهم فيصلو ٻڌائيندي لاڳاپيل پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ايڊيشنل سيشن جج عمران الله پنهنجي لکيل فيصلي ۾ چيو ته خيبرپختونخواهه پرائيويٽ لون تي وياج تي پابندي ايڪٽ تحت عدالت کي اختيار آهي ته هو اهڙن ڪيسن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جمرود روڊ تي خانگي ريسٽورنٽ جي مالڪ عارف خان موقف اختيار ڪيو ته هن تاج ولي نالي شخص کان ڪاروبار لاءِ قرض ورتو هو، جيڪو واپس ڪرڻ باوجود جوابدار غير قانوني سود ۽ اضافي رقم گهرندو رهيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جرڳا منعقد ڪرڻ ۽ اصل رقم ادا ڪرڻ باوجود مدعي کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته لاڳاپيل ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرڻ باوجود ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي، جنهن تي عدالت کي ريفر ڪيو ويو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته خيبرپختونخواهه پرائيويٽ لانز ايڪٽ 2016 جي سيڪشن 6 تحت سود واري معاملي جي شڪايت ملڻ تي پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو.

جنهن جي بنياد تي عدالت لاڳاپيل ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو ته سيڪشن 154 تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ معاملي جي شفاف، غير جانبداري ۽ ميرٽ جي بنياد تي جاچ کي يقيني بڻايو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment