لنڊن: برطانوي جرنل اڪانومسٽ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ترڪي ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هڪ نئين وڏي علائقائي دشمني جي صورت اختيار ڪري رهي آهي، جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي سڌي سيڪيورٽي چئلينج طور ڏسي رهيا آهن.
رپورٽ موجب اسرائيل کي شام ۾ ترڪي جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ فوجي موجودگي تي خدشا آهن. ان کان علاوه اسرائيل سعودي عرب، پاڪستان ۽ مصر سان ترڪي جي دفاعي تعاون کي خطي ۾ بدلجندڙ اسٽريٽجڪ توازن جي تناظر ۾ اهم پيش رفت قرار ڏئي رهيو آهي.
اڪنامسٽ موجب اسرائيل پاران آرمينيائي نسل ڪشي کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي سياستدان هاڻي ايران سان گڏ ترڪي جو ذڪر ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ کي اجاگر ڪيو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا پاران ترڪي کي جديد ايف 35 جنگي جهاز وڪڻڻ جو ممڪن فيصلو پڻ اسرائيل ۾ خدشو پيدا ڪري چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته اسرائيل خطي ۾ پنهنجي فوجي برتري برقرار رکڻ کي پنهنجي قومي سلامتي لاءِ نازڪ سمجهي ٿو.
برطانوي جرنل موجب موجوده صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته ترڪي ۽ اسرائيل وچ ۾ اختلاف رڳو سفارتي بيانن تائين محدود نه آهن پر هاڻي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي خطي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفادن لاءِ امڪاني خطرو سمجهڻ لڳا آهن.
سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي ته ان جا اثر شام، وچ اوڀر جي سلامتي، علائقائي اتحادين ۽ عالمي طاقتن جي پاليسين تي پئجي سگهن ٿا.


