افغان عبوري وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جا نالا عالمي پابندين واري لسٽ ۾ شامل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


طالبان جي حڪومت مان عالمي برادري جو اعتماد مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي.

آمريڪي تحقيقي اداري مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ موجب طالبان جي حڪومت جا لڳ ڀڳ 55 ميمبرن ۽ اهلڪارن جا اڃا تائين القائده سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لاڳاپا آهن.

افغان ميڊيا افغانستان انٽرنيشنل موجب 33 رڪني طالبان ڪابينا جا 13 کان 14 ميمبر گڏيل قومن جي پابندين واري لسٽ ۾ شامل آهن.

افغان عبوري وزيراعظم ملا محمد حسن آخوند ۽ نائب وزيراعظم جا نالا عالمي پابندين واري لسٽ ۾ شامل آهن، افغان عبوري گهرو وزير سراج الدين حقاني، پرڏيهي وزير عامر خان متقي ۽ ٻيا ڪيترائي وزير به فهرست ۾ شامل آهن.

افغان اڳواڻن جا اثاثا منجمد ڪرڻ کان علاوه سفري ۽ هٿيارن تي پابنديون آهن ۽ پابندين جي موجوده لسٽ ۾ طالبان سان تعلق رکندڙ 135 ماڻهو ۽ 5 ادارا شامل آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment