جرمن چانسلر دعويٰ ڪئي آهي ته يورپي سياسي حلقن ۾ جاري اختلافن باوجود نيٽو ۾ آمريڪا جي اهميت برقرار آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب جرمني جي چانسلر اولاف شولز چيو آهي ته اختلافن باوجود آمريڪا کي نيٽو ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نيٽو اتحاد جي مضبوطي ۽ يورپ جي دفاع ۾ آمريڪا جو ڪردار اهم آهي ۽ موجوده عالمي چئلينجن جي تناظر ۾ ان پارٽنرشپ جي اهميت وڌي وئي آهي.
هن چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه پاليسين تي اختلاف آهن پر نيٽو اتحادين جو تعاون گڏيل دفاع، سلامتي ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ ناگزير آهي.
ماهرن موجب اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن عالمي سلامتي جا خدشا وڌي رهيا آهن ۽ مغربي ملڪن وچ ۾ هم آهنگي کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي.


