يوٽيوب رجب بٽ کي عدالت کان وڏو رليف ملي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان جي تڪراري يوٽيوب رجب بٽ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان وڏو قانوني رليف ملي ويو، جتي عدالت سندس نالو فوري طور پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعظم خان 6 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ محفوظ فيصلو جاري ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته رجب بٽ جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ رکڻ غيرقانوني، غير ضروري ۽ بنيادي حقن جي خلاف آهي. ٻڌڻي دوران رجب بٽ طرفان بئريسٽر زاهد کوکر عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالتي ڪارروائي ۾ چيو ويو ته رجب بٽ جو نالو نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي درخواست تي پي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو. جڏهن ته ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اين سي سي آءِ اي عملدارن کي رجب بٽ جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته جڏهن کان رجب بٽ لاڳاپيل اداري آڏو پيش ٿيو آهي، ان ڪري سندس نالو لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو ڪو به قانوني جواز ناهي. عدالت درخواست منظور ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ته رجب بٽ جو نالو فوري طور پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment