آمريڪي حڪومت وينزويلا جي خلاف ڪيترن ئي اقتصادي پابندين کي چار مهينن تائين ختم ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ملڪ جي خطرناڪ زلزلي کانپوء امدادي ڪوششن کي آسان بڻائي سگهجي.
آمريڪي خزاني طرفان جاري ڪيل لائسنس موجب وينزويلا ۾ زلزلي متاثرن جي امدادي سرگرمين ۾ 23 آڪٽوبر تائين سمورن ٽرانزيڪشن جي اجازت آهي.
گڏيل قومن جي آفيس فار ڪوآرڊينيشن آف هيومنٽيرين افيئرز چيو آهي ته چلي، ڪولمبيا، ايل سلواڊور، اٽلي، ميڪسيڪو، سوئٽزرلينڊ ۽ آمريڪا جون ٽيمون اڳ ئي وينزويلا پهچي چڪيون آهن.
واضح رهي ته آمريڪا وينزويلا تي سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪيون آهن خاص ڪري 2019ع کان.
وينزويلا ۾ اربع تي 7.5 ۽ 7.2 جي شدت جا ٻه زلزلا آيا، جنهن ۾ تازي انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 920 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته متاثرن جو انگ وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.


