اسلام آباد:
وفاقي آئيني عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي پاسپورٽ ۽ اميگريشن رولز جي ختم ڪيل شقن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومت جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.
جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي انهن جو ڪيس آهي جيڪي هِڪ اپ ڪري ويندا آهن؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته فرحان علي نالي هڪ شهري غير قانوني طور ايران ويو هو جتان کيس ڊي پورٽ ڪيو ويو. هن چيو ته سندس نالو غير قانوني ڪمن سبب پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو شامل ڪرڻ ۽ پاسپورٽ جي غير فعال ٿيڻ کي چئلينج ڪيو ويو آهي.
جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي شخص پاڻ ٻاهر وڃي رهيو آهي يا ماڻهن کان پئسا وٺي اٽلي موڪليندو هو؟ ايف آءِ اي هن وقت تائين ڪهڙي جاچ ڪئي آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ان حوالي سان ايف آءِ اي کان ڪا به ڄاڻ ناهي ورتي وئي.
ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پاسپورٽ ۽ اميگريشن جي رول 3 ۽ 10 کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت فيصلو معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي.


