گڏيل قومن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل آمنه جي محمد سڄي دنيا ۾ جاري جنگي تڪرارن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن مطابق پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته موجوده عالمي صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ ٿي چڪي آهي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته دنيا کي جانورن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي ۽ انسان پنهنجي بنيادي انسانيت کان پري ٿي رهيو آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مختلف خطن ۾ جاري جنگين، شهرين جي جانين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين عالمي ضمير کي جھنجھوڙي ڇڏيو آهي، وڌيڪ تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.
گڏيل قومن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو تڪرارن جي حل لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪن ۽ انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائين ته جيئن دنيا کي وڌيڪ بدامني ۽ بحران کان بچائي سگهجي.


