برآمدات وڌائڻ لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

وزيراعظم برآمدات وڌائڻ جي لاءِ ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي تمام ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ بابت جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ معاشي ترقي لاءِ سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، برآمدات ۾ واڌ لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ريگيوليٽري ڪمپلائنس تي عملدرآمد کي آسان ۽ گهٽ خرچ ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهرجن، لائسنس ۽ ٻين خدمتن تائين پهچ جي سموري نظام جي ڊجيٽلائيزيشن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي قيام سان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي.

اجلاس کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ واڌ بابت حڪومتي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان مارچ تائين ملڪ جي برآمدات ۾ اسپيشل اقتصادي زونز جو حصو 3.7 سيڪڙو رهيو، مالي سال 2028ع تائين ملڪ جي برآمدات ۾ اسپيشل اقتصادي زونز جو حصو 8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبن جي مشاورت سان سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بزنس ريڊي ايڪشن پلان تيار ڪيو پيو وڃي، سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن لاءِ سرڪاري پرمٽ حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ سمورين خدمتن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري قائم ڪئي پئي وڃي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 21 اسپيشل اڪنامڪ زونز ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جون 2026 تائين اهو انگ وڌي 26 ٿي ويندو. ايز آف ڊئنگ بزنس ايڪٽ تحت ريڊ ٽيپ ختم ڪيو ويندو ۽ ڊجيٽل سروسز جي فراهمي سان سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي.

اجلاس ۾ قانون واري وزير نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، آءِ ٽي واري وزير شيزا فاطمه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خصوصي معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment