بيجنگ:
بيجنگ جي گريٽ هال ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، عالمي استحڪام ۽ واپار جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
چيني صدر شي جن پنگ آمريڪي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته بيجنگ ۾ ٽرمپ سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. هن چيو ته چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ استحڪام نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري دنيا لاءِ مثبت اهميت رکي ٿو.
شي جن پنگ چيو ته چين ۽ آمريڪا دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون آهن ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ٻنهي ملڪن جو گڏيل مقصد هجڻ گهرجي.
چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل ملاقات جي پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته صدر شي جن پنگ چيو ته تائيوان جو مسئلو چين ۽ آمريڪا لاڳاپن ۾ سڀ کان اهم مسئلو آهي. تائيوان واري معاملي تي جيڪڏهن ڪا به غلطي ٿي ته ٻئي ملڪ ٽڪرائجي سگهن ٿا يا باضابطه تڪرار به ٿي سگهي ٿو. جنهن سبب چين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا انتهائي خطرناڪ صورتحال ڏانهن هلي ويندا.
چين جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ۽ چيني صدر وچ ۾ ملاقات دوران وچ اوڀر جي جنگ، يوڪرين تڪرار ۽ ڪوريا اپٻيٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ اوڀر جي صورتحال، يوڪرين جي بحران ۽ ڪورين جزيره نما سميت اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي صدر ٽرمپ چين ۾ شاندار استقبال تي شڪريو ادا ڪيو ۽ شي جن پنگ کي عظيم اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته چيني صدر سان سندس لاڳاپا هميشه بهترين رهيا آهن.
ٽرمپ ملاقات ۾ معاشي ترقي تي به زور ڏنو ۽ چيو ته آمريڪا چين سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته سندس وفد جا ميمبر جن ۾ اهم ڪاروباري عملدار به شامل آهن، چين سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هو واپار ۽ ڪاروبار جو شوقين آهي. تنهن ڪري، مان چيني صدر سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو تمام گهڻو انتظار ڪري رهيو آهيان، شايد اهو سڀ کان وڏي ۽ اهم ملاقات آهي.
هن چيو ته چين سان لاڳاپا هاڻي اڳ کان وڌيڪ بهتر ٿيندا. اسان جي رشتي ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون هيون پر آخرڪار اسان ان کي ختم ڪيو.
”اسان جو تعلق هڪ ٻئي لحاظ کان به ذاتي آهي ڇو ته اسان کي جڏهن به ڪو مسئلو هوندو آهي ته اسان سڌو رابطو ڪندا آهيون، ماڻهن کي اها خبر ناهي هوندي،“ هن وڌيڪ چيو.
جڏهن ميٽنگ جي پڄاڻي تي عظيم هال مان نڪرندي، صحافين ٽسلا جي باني ايلون مسڪ ۽ اين ويڊيا جي سي اي او هوانگ کان ملاقات بابت پڇيو، جنهن تي مسڪ چيو ته تمام سٺو هو ۽ هڪ تمام مثبت گفتگو هئي.
ٻئي طرف هوانگ چيو ته ملاقات تمام سٺي هئي جڏهن ته ٽرمپ ۽ شي جن پنگ جي ملاقات شاندار هئي.


