ايران جي قومي فٽبال ٽيم کي 2026 فيفا ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ اڃا تائين آمريڪي ويزا جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن ٽورنامينٽ کان اڳ غير يقيني صورتحال ڇڏي آهي. ايراني فٽبال فيڊريشن جي سربراهه مهدي تاج چيو آهي ته فيفا سان جلد اهم ملاقات جو امڪان آهي جنهن ۾ ويزا مسئلن ۽ سيڪيورٽي گارنٽي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته هن وقت تائين ايراني ٽيم جي ڪنهن به رانديگر يا آفيسر کي آمريڪي ويزا جاري ٿيڻ جي تصديق نه ٿي آهي. رپورٽن مطابق ايراني رانديگرن کي ويزا جي عمل لاءِ ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ بائيو ميٽرڪ ۽ فنگر پرنٽنگ جي مرحلن مان گذرڻو پوندو پر ايراني اختيارين ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اهو عمل انطاليا ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ٽيم کي اضافي سفر نه ڪرڻو پوي. ٻئي طرف تهران ۾ به قومي ٽيم جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي هزارين مداحن ٽيم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. تقريب ۾ ورلڊ ڪپ جي نئين ڪٽ جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي. واضح رهي ته 2026 جو فيفا ورلڊ ڪپ گڏيل طور تي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ ٿيندو، جڏهن ته ايران کي پنهنجون گروپ ميچون آمريڪا ۾ کيڏڻو آهي. ايران ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ واري سياسي لاڳاپن ۽ تازين علائقائي تڪرارن سبب ايراني ٽيم جي شموليت جا خدشا لڳاتار اٿاريا پيا وڃن.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ايراني ٽيم کي آمريڪي ويزا جاري نه ٿي سگهيا
Leave a Comment Leave a Comment

