جاپاني مداحن جي ’مہذب‘ اسٽريٽ جشن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ٽوڪيو جي مشهور شيبويا ڪراسنگ 2026 فيفا ورلڊ ڪپ ۾ هالينڊ جي خلاف جاپان جي سنسني خیز 2-2 جي برابري کانپوءِ جشن ڪندڙ مداحن سان ڀريل هئي.

سوين ملڪي ۽ غير ملڪي فٽ بال شائقين قومي جهنڊو ڦڙڪائي، نعرا هڻندي ۽ پنهنجي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگيءَ تي جشن ملهائيندي نظر آيا.

برسات باوجود مداحن جو جوش ۽ جذبو نمايان رهيو ۽ سڄو علائقو عيد جو منظر پيش ڪري ويو.

جڏهن ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ نه رڳو جشن سڀني جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو پر مداحن جي نظم و ضبط ۽ شاندار تهذيب به پوري دنيا جي ماڻهن کي متاثر ڪيو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سگنل بند ٿيڻ تي مداح جشن ڪرڻ لاءِ روڊ جي وچ تي اچي وڃن ٿا ۽ جيئن ئي ٽريفڪ سگنل سائو ٿي وڃي ٿو ته جشن ملهائيندڙ ماڻهو فوري طور روڊ خالي ڪري ٽريفڪ کي ٻيهر هلڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

هن منظم رويي کي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جاپاني ثقافت، نظم و ضبط ۽ شهري ذميواري جو ڀرپور مثال قرار ڏنو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment