وچ ايشيائي والي بال چيمپيئن شپ ۾ ڀارت ۽ افغانستان جي شرڪت جي تصديق

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڀارت ۽ افغانستان پاڪستان ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

اهڙو اعلان والي بال فيڊريشن جي چيئرمين چوڌري محمد يعقوب لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

چوڌري محمد يعقوب چيو ته سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ 3 جولاءِ کان 10 جولاءِ تائين لاهور ۾ ٿيندي.

هن چيو ته ڀارت ۽ افغانستان جي ٽيمن پنهنجون داخلائون جمع ڪرايون آهن. وفاق ٽيمن کي ويزا جاري ڪرڻ لاءِ حڪومت سان رابطو ڪري ورتو آهي.

هن چيمپيئن شپ ۾ بنگلاديش، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ڪرغزستان جون ٽيمون به حصو وٺنديون.

چوڌري محمد يعقوب موجب ايشين گيمز سميت ٻين عالمي ايونٽس ۾ شرڪت هدف آهي. نيشنل والي بال ليگ پي ايس ايل جي طرز تي 19 جولاءِ کان 5 آگسٽ تائين ڪرائڻ جو منصوبو آهي.

هن چيو ته والي بال فيڊريشن اسپينش ڪوچ لوئس البرٽو کي هٽائي رهي آهي. پرڏيهي ڪوچ ايشين گيمز تائين ٽيم سان گڏ ڪم ڪندو.

چوڌري محمد يعقوب چيو ته قومي والي بال چيمپيئن شپ 19 مئي کان واهه ڪينٽ ۾ ٿيندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment