پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ايليمينيٽر 2 ۾ ناقابل شڪست حيدرآباد ڪنگز ٻن ڀيرا جي فاتح اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي حيدرآباد ڪنگز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
حيدرآباد جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون.
هدف جي تعاقب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ شروعات ۾ ٻه اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، پر ٽئين ۽ پوءِ پنجين وڪيٽ جي پارٽنرشپ اسلام آباد کي ميچ ۾ واپس آڻي ڇڏيو.
مارڪ چيپمين، حيدر علي، ڪرس گرين ۽ فهيم اشرف جي جارحاڻي اننگز کيڏي اسلام آباد کي فتح جي اميد ڏياري پر آخري اوور ۾ حنين شاهه نه رڳو فهيم اشرف کي آئوٽ ڪيو پر ڪرس گرين ۽ عماد وسيم کي به راند کان ٻاهر رکيو.
حنين شاهه جي شاندار بالنگ سبب اسلام آباد جي ٽيم آخري اوور ۾ رڳو 6 رنسن جو هدف حاصل ڪري نه سگهي.
جڏهن ته حنين شاهه جي شاندار بالنگ حيدرآباد جي فتح ۾ ڪارگر ثابت ٿي، حسن خان 17 هين اوور جي شروعات ۾ ڊيپ اسڪوائر ليگ بائونڊري تي پڪي ڇڪي هنئي جيڪا ميچ جو ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي.


