FIH پرو هاڪي ليگ ۾ بيلجيم پاڪستان کي 1-7 تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



بيلجيم ۾ کيڏيل ايف آءِ ايڇ پرو هاڪي ليگ ۾ بيلجيم پاڪستان کي 1-7 تان شڪست ڏئي ڇڏي. راند جي شروعات ۾ بيلجئم جي نيلسن ٽئين منٽ ۾ گول اسڪور ڪيو ۽ راند جي 33هين منٽ ۾ رانا وحيد اشرف خوبصورت فيلڊنگ گول ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ بيلجيم مسلسل 6 گول ڪيا، جنهن تي بيلجيم جي ٽيم کي فاتح قرار ڏنو ويو. بيلجيم طرفان ٻيو گول ٿاباٽ، چوٿون گول اليگزينڊر، پنجون گول ٽوبياس، ڇهون گول گولم ۽ ستون گول ٽوبياس ڪيو. واضح رهي ته بيلجيئم ٽيم دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي. پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 14 جون تي اسپين خلاف، ٽيون ميچ 18 جون تي بيلجيم ۽ چوٿين ميچ 20 جون تي اسپين خلاف کيڏندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment