پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن ۾ سنسني خیز ميچن جو سلسلو جاري آهي.
تفصيل موجب پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم گذريل ڏينهن ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف 71 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
بابر اعظم جي شاندار اننگز کانپوءِ پاڪستان سپر ليگ جي سي اي او سلمان نصير جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو بابر اعظم جون اکيون ڪڍي رهيو آهي.
واضح رهي ته بابر اعظم گذريل ٽن سالن کان خراب فارم جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻيل آهي پر هاڻوڪي پي ايس ايل ۾ هو پنهنجي فارم کي ڪافي حد تائين بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
هو 301 رنسون ٺاهي ايونٽ جي ٽاپ اسڪوررن جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي.


