آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ پاڪستاني رانديگرن جي تنزلي ڪئي وئي آهي.
تفصيل موجب ٽاپ ٽين ۾ شامل بيٽسمين سعود شڪيل 6 درجا تنزلي کانپوءِ پندرهين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽاپ ٽين رينڪنگ ۾ شامل واحد پاڪستاني بالر نعمان علي ٽي درجا تنزلي کانپوءِ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
بيٽسمينن جي لسٽ ۾ جو روٽ، هيري بروک، ٽريوس هيڊ، اسٽيو سمٿ ۽ ڪين وليمسن ترتيب وار پهرين کان پنجين نمبر تي برقرار آهن.
محمد رضوان 21هين نمبر تي آهي، جڏهن ته بابر اعظم هڪ درجا هيٺ لهي 23هين ۽ ڪپتان شان مسعود 6 درجا هيٺ لهي 46هين نمبر تي اچي ويو آهي.
اشون بالرن جي لسٽ ۾ سرفهرست آهي، جڏهن ته مچل اسٽارڪ، ميٽ هينري ۽ پيٽ ڪمنز هڪ هڪ درجو اڳتي وڌي ٻئي کان چوٿين نمبر تي اچي ويا آهن.
شاهين آفريدي 24 هين ۽ محمد عباس 28 هين پوزيشن برقرار آهي.
بنگلاديش جو متاثر ڪندڙ #WTC27 ميرپور ۾ پهرئين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي فتح، ميزبان پنهنجي ستارن جي تازي آئي سي سي مردن جي ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ ۾ مدد ڪئي آهي 😲
تفصيل 👇https://t.co/fgjKCSUqHs
– آئي سي سي (@ICC) مئي 13، 2026


