فيفا ورلڊ ڪپ فائنل؛ ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي ميچز کي وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ 2026 جي حوالي سان مداحن جو جوش عروج تي پهچي ويو آهي. آمريڪا جي شهر نيو جرسي جي ميٽ لائف اسٽيڊيم ۾ آچر جي رات 12 وڳي دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن ۽ اسپين وچ ۾ کيڏي ويندڙ فائنل جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف هنڌن تي وڏي اسڪرين تي مقابلو ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. لياري نيشنل فٽبال اسٽيڊيم، علي محمد محلا لياري، ڪي ايڇ اي ليجنڊز ارينا، گلشن اقبال، صديق گوڙ ملير به شامل آهن. سنڌ حڪومت جي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ تحت ڪراچي جي سمورن يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرن ۾ وڏي اسڪرين پڻ لڳائي ويندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment