رام الله: 17 ورهين جو فلسطيني فٽبالر فادي حمدالله النسان، جيڪو اسرائيلي آبادگارن جي حملي دوران گوليون لڳڻ سبب، زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. فلسطيني اختيارين ۽ گهرڀاتين موجب نوجوان هڪ هفتي کان علاج هيٺ هو پر صحتياب نه ٿي سگهيو.
نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب فادي النسان مقامي المغير ڪلب جو رانديگر هو ۽ فلسطين جي قومي انڊر 17 فٽبال ٽيم جو به حصو رهي چڪو هو.
ڇنڇر تي سندس جنازي نماز ۽ تدفين ۾ وڏي انگ ۾ سوڳوارن شرڪت ڪئي. سندس لاش فلسطيني ميڊيڪل ڪمپليڪس رام الله مان سندس اباڻي ڳوٺ المغير منتقل ڪيو ويو، جتي کيس دفنايو ويو.
فلسطيني فٽبال ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته فادي کي 11 جولاءِ تي اسرائيلي آبادگارن جي حملي ۾ گوليون لڳيون هيون، ايسوسيئيشن موجب حملي دوران اسرائيلي فورسز کيس ران ۾ گوليون لڳيون هيون، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن کي سندس ٽنگ وڍڻو پيو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
فادي جي پيءُ حمدالله النسان چيو ته سندس پٽ فٽبال سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو ته عورتن ۽ ٻارن جو رڙيون ٻڌي هو ماڻهن جي مدد لاءِ واقعي واري هنڌ پهتو، جتي گوليون لڳڻ سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.
فادي جي ماءُ حنان النسان جو چوڻ هو ته سندس پٽ نه رڳو سٺو شاگرد هو پر راندين ۾ به شاندار هو ۽ کيس ڳوٺ ۾ هر ڪو پسند ڪندو هو.
فلسطين جي سرڪاري نيوز ايجنسي وفا موجب ساڳئي حملي ۾ ٻه ٻيا ماڻهو ربر جي گولين سان زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ 10 ورهين جو ٻار به سر تي اسٽن گرنيڊ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.
اسرائيلي فوج واقعي تي فوري طور تي تبصرو نه ڪيو.
گڏيل قومن موجب، آڪٽوبر 2023 ۾ غزه جي جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي آبادگارن جي حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
فلسطيني وزارت صحت جي انگن اکرن تي ٻڌل اي ايف پي جي رپورٽ موجب، گهٽ ۾ گهٽ 1,088 فلسطيني قابض ويسٽ بئنڪ ۾ آڪٽوبر 2023 کان وٺي اسرائيلي فورسز يا آبادگارن پاران مارجي ويا آهن.
ٻئي طرف اسرائيلي حڪومت به تازو ئي والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ 34 نيون بستيون قائم ڪرڻ لاءِ 434 ملين ڊالر جي بجيٽ جي منظوري ڏني آهي. گڏيل قومن، فلسطيني اختيارين ۽ اڪثر ملڪ انهن آبادين کي عالمي قانونن تحت غير قانوني سمجهن ٿا ۽ انهن کي خطي ۾ امن جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهن ٿا.


