آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان تجويز ڪيل معاهدي بابت سي اين اين جي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته معاهدي ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت تمام مضبوط ۽ تفصيلي شقون شامل آهن.
صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سي اين اين هڪ ڀيرو ٻيهر غلط معلومات پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو تاثر ڏنو ته ايران سان تجويز ڪيل معاهدي ۾ ايٽمي معاملن جو واضح ذڪر ناهي. ٽرمپ موجب هي دعويٰ حقيقت جي ابتڙ آهي.
آمريڪي صدر چيو ته معاهدي ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل نقطا ان معاهدي جو اهم ۽ مرڪزي حصو آهن.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته معاهدو تمام جامع ۽ تفصيلي آهي، جنهن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام، افزودگي يورينيم ۽ ٻين حساس معاملن بابت مختلف پهلو شامل آهن. هن جي مطابق، معاهدي جو وڏو حصو انهن مسئلن تي مشتمل آهي.
پنهنجي پوسٽ ۾ صدر ٽرمپ سي اين اين تي تنقيد ڪندي چيو ته اها تنظيم مسلسل گمراهه ڪندڙ رپورٽنگ ڪري رهي آهي. هن اهو سوال پڻ اٿاريو ته ڇا سي اين اين نئين انتظاميه تحت پنهنجي ساک بحال ڪري سگهندو؟
ٻئي طرف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امڪاني معاهدي جي حوالي سان سفارتي رابطا جاري آهن. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايراني سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا سان پيغامن جي تبادلي ۽ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ڪنهن به قسم جي قياس آرائي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ کان اڳ مناسب نه هوندي.
هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ معاهدي بابت حتمي راءِ ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو، سمورين ڌرين کي ڳالهين جو عمل مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ممڪنه مفاهمت، جنگ بندي ۾ واڌ ۽ آبنائے هرمز جي بحالي بابت مختلف خبرون اچي رهيون آهن پر ٻنهي ملڪن طرفان باضابطا طور تي ڪنهن به حتمي معاهدي جو اعلان ناهي ڪيو ويو.


