ترڪي ۾ روڊ زمين ۾ ڪري پيو آهي، جنهن سبب مقامي ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي.
ترڪي ميڊيا موجب ترڪي جي شهر ريز ۾ هڪ روڊ ڪري پيو. اهو واقعو اسلام پاشا جي پاڙي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن عمارت جي کوٽائي جو ڪم هلي رهيو هو.
روڊ ٽٽڻ سبب گئس پائيپ لائين کي نقصان پهتو آهي. ٽن ويجهن عمارتن جي رهواسين کي پڻ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
ترڪي جي ڊزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ اٿارٽي واقعي جي سببن جي جاچ لاءِ واقعي واري هنڌ موڪلي وئي.
واقعي ۾ ڪو به مارجي ويو يا زخمي نه ٿيو.


