ٽرمپ نتنياهو سان ناراض؟ خفيه فون ڪالز جا حيران ڪندڙ تفصيل سامهون اچي ويا آهن

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


واشنگٽن: وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو وچ ۾ فون ڪالز اڳ کان وڌيڪ تلخ ۽ ڇڪتاڻ بڻجي ويا آهن.

رپورٽ موجب تازي ڳالهه ٻولهه دوران صدر ٽرمپ نتنياهو تي زور ڏنو ته هو لبنان ۾ عمارتن ۽ انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائيندڙ فضائي حملن کي گهٽ ڪري ۽ بمباري ختم ڪرڻ تي غور ڪري.

اخبار موجب آمريڪي صدر پنهنجي ويجهن صلاحڪارن جي سامهون اسرائيلي وزيراعظم جي رويي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته نيتن ياهو هر مسئلي جو حل فوجي ڪارروائي ۽ بمباري ۾ ڳولي ٿو، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ٿي.

رپورٽ ۾ هڪ سينيئر آمريڪي اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته صدر ٽرمپ اسرائيلي قيادت جي مسلسل نئين فوجي ڪارروائي جي مطالبن کان تنگ آهي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ تي سياسي ۽ سفارتي حل کي ترجيح ڏيڻ چاهي ٿو.

وال اسٽريٽ جرنل موجب هڪ ٻئي فون ڪال دوران ٽرمپ ايران سان ممڪن جنگ ۽ ان جي معاشي اثرن تي به خدشن جو اظهار ڪيو. هن کي خدشو هو ته جيڪڏهن جنگ آمريڪي معيشت کي نقصان پهچايو ته هن جو مقابلو اڳوڻي آمريڪي صدر هربرٽ هوور سان ڪيو ويندو، جنهن کي 1930ع جي عظيم ڊپريشن دوران سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ٽرمپ نيتن ياهو سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اوهان ۾ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ وڌندڙ ناراضگي جو عڪس آهي.

جيتوڻيڪ وائيٽ هائوس ۽ اسرائيلي حڪومت سرڪاري طور تي مبينا ڳالهين جي تفصيل تي تبصرو نه ڪيو آهي، رپورٽ واشنگٽن ۽ تل ابيب جي وچ ۾ لاڳاپن بابت نئين بحث کي جنم ڏنو آهي.

تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن اهي رپورٽون درست آهن ته ان مان ان ڳالهه جو اشارو ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪجهه اهم علائقائي معاملن تي اختلاف وڌي رهيا آهن، خاص ڪري ايران، لبنان ۽ وچ اوڀر جي سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان.





Source link

Share This Article
Leave a Comment