ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ زور ڏنو آهي ته دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڀني کي معاشي جنگ وڙهڻي پوندي.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب سپريم ليڊر پنهنجي لکيل بيان ۾ چيو ته ايران فوجي ميدان ۾ پنهنجي قابليت ۽ ترقي کي دنيا آڏو ثابت ڪيو آهي پر هاڻي ضروري آهي ته اقتصادي ۽ ثقافتي محاذ تي به ساڳي عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته دشمنن جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ خود اعتمادي ناگزير ٿي چڪي آهي. ملڪي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪي پيداوار جي شين جي استعمال کي ترجيح ڏني وڃي.
ايران جي سپريم ليڊر صنعتڪارن ۽ صنعتڪارن کي هدايت ڪئي ته هو معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ مشڪلاتن جي باوجود جيترو ٿي سگهي مزدورن کي برطرف ڪرڻ کان پاسو ڪن.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران سخت معاشي پابندين ۽ ٻاهرين دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
فيبروري کان جاري جنگ ۾ آمريڪا پاران ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ سان معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ويو آهي.
ياد رهي ته اڄ آمريڪا وڌيڪ ايراني ماڻهن، ڪمپنين ۽ هڪ ڪمرشل جهاز کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته آبنائے هرمز تي ايران کي ٽول ٽيڪس ادا ڪندڙ جهازن تي پابندين جي ڌمڪي ڏني آهي.


