بئنڪاڪ: ٿائلنڊ جي سياحتي شهر پٽايا ۾ هڪ خوفناڪ قتل سڄي ملڪ ۾ پريشاني کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جتي هڪ آسٽريلوي شخص کي قتل جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ 17 سالن جي ڇوڪري جو لاش سوٽ ڪيس مان مليو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مقتول جو لاش پٽايا شهر ۾ ريلوي لائين ڀرسان گاهه واري علائقي مان هٿ آيل سوٽ ڪيس مان مليو. واقعي کانپوءِ ٿائي پوليس فوري طور تي جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن تائين رسائي حاصل ڪري ورتي.
پوليس موجب گرفتار ڪيل آسٽريلوي شهري جي سڃاڻپ سائمن پيٽر ڪارمين جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي عمر 40 سالن کان مٿي ٻڌائي پئي وڃي. شڪي کي بينڪاڪ جي سوورن ڀومي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو واپس آسٽريليا ڏانهن اڏام تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
جاچ موجب سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏٺو ويو ته جوابدار مقتول سان گڏ ڪنڊومينيم ۾ داخل ٿيو پر ڪجهه ڪلاڪن بعد هو هڪ وڏو سوٽ ڪيس کڻي عمارت مان اڪيلو نڪري ويو. بعد ۾ هن سوٽ ڪيس کي موٽرسائيڪل تي رکيو ۽ ان کي ريلوي لائين ڀرسان ويران جاءِ تي اڇلائي ڇڏيو، جتان بعد ۾ پوليس ڇوڪري جو لاش هٿ ڪيو.
پوليس جوابدارن خلاف قتل، لاش لڪائڻ، شاهديون ٽوڙڻ ۽ نابالغ ڇوڪريءَ کي جنسي مقصدن لاءِ کڻي وڃڻ سميت ڪيترن ئي سنگين دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.
پوليس اسٽيشن ۾ پيشي دوران جوابدار مقتول جي گهرڀاتين کان مختصر معذرت ڪئي ۽ چيو ته توهان جي ڌيءَ سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي مون کي افسوس آهي، اها منهنجي وس کان ٻاهر هئي.
ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي پيءُ چيو ته هو اڃا تائين ڌيءُ جي موت جي صدمي مان نه ٿو نڪري سگهي. هنن چيو ته ڌيءُ جي ماءُ اڳ ئي گذاري وئي آهي ۽ هو پنهنجي پيءُ جي هر ممڪن مدد ڪندي آهي.
مقتول جي ماءُ مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هنن چيو ته هو چاهين ٿا ته عدالت جوابدار کي سندس ڪيل ڏوهه جي پوري سزا ڏئي ته جيئن مقتول جي وارثن کي انصاف ملي سگهي.
ٿائي پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ۽ جوابدار کي وڌيڪ عدالتي ڪارروائي لاءِ پٽيايا جي صوبائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.


