ڪراچي؛ پٽ سٽي ماءُ کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



اورنگي ٽائون ۾ پٽ سٽي ماءُ کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي مدد ڪندڙ پاڙيسري به زخمي ٿي پيو. سخت مزاحمت کانپوءِ پوليس جوابدار جي پٽ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان واقعي ۾ استعمال ٿيل قتل جو هٿيار هٿ ڪري ورتو. تفصيل موجب اورنگي ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ اورنگي ٽائون نمبر 1 سيڪٽر 6 اي عبدالله سويٽس شاپ جي گهٽي ۾ واقع گهر ۾ پٽ سٽي ماءُ کي ڪهاڙي جو وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. سخت مزاحمت بعد پوليس جوابدار پٽ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان واقعي ۾ استعمال ٿيل قتل جو اوزار هٿ ڪري ورتو. واقعي دوران مقتول جي مدد ڪندڙ پاڙيسري ساجد پڻ زخمي ٿي پيو. ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ 50 ورهين جي فهميده زال لطيف جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار پٽ جي سڃاڻپ شوڪت علي ولد لطيف جي نالي سان ٿي آهي. ايس ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب گرفتار جوابدار جي پيءُ مقتول سان 17/18 سال اڳ ٻي شادي ڪئي هئي، جڏهن ته قتل جو ڪارڻ ظاهري طور تي اها رنجش آهي. گرفتار جوابدار ۽ سندس ماءُ (مقتول جي مڙس جي پهرين زال) جو تعلق بهاولنگر سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب زخمي پاڙيسري ۽ مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قانوني ڪارروائي جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment