اپريل 2025ع ۾ پاڪ افغان سرحد تي ڪيو ويو آپريشن فتح جي داستان ۽ حوصلي جي نشاني طور تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.
انٽيليجنس رپورٽن موجب ڀارت جو پراڪسي فتنا الخوارج وڏي دهشتگرد حملي جي رٿابندي سان پاڪ افغان سرحد تي ڊيورنڊ لائين جي باڙ ڪٽي پاڪستان ۾ داخل ٿيو.
اهي دهشتگرد جديد هٿيارن ۽ ڌماڪيدار مادو سان ليس هئا.
25 کان 28 اپريل تائين پاڪ فوجن بهترين حڪمت عملي تحت کين گھيرو ڪيو. جديد نگراني، ڊرونز ۽ گرائونڊ ايڪشن ذريعي 71 ڌارين کي جهنم ۾ آندو ويو ۽ ملڪ کي وڏي نقصان کان بچي ويو.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته 71 پرڏيهين کي جهنم ۾ آڻيندڙ سمورا نوجوان ڪامران سلامت واپس موٽي ويا. ٿورڙي تعداد ۾ جوانن اهو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ دشمن جي سمورن عزائم کي ناس ڪري ڇڏيو.
قوم ان هيروز کي سلام پيش ڪري ٿي جن هندستان جي پراکسي کي ناڪام بڻايو، جن جي جرئت، مهارت ۽ قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو.


