اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايران ۽ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جي ملڪن ۾ مقرر پاڪستان جي سفيرن سان اهم اجلاس ٿيو. سفيرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال، اڀرندڙ موقعن ۽ چئلينجز کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي اقتصادي سفارتڪاري کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، ترسيل ۾ واڌ ۽ پاڪستاني پرڏيهين جي مسئلن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جي ملڪن ۽ ايران جي تاريخي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سفيرن کي هدايت ڪئي ته هو واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ شرڪت ڪئي.
Source link

وزيراعظم پاران پرڏيهه ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن کي اهم هدايتون
Leave a Comment Leave a Comment

