چين ايندڙ ٽن سالن دوران آمريڪا کان 17 ارب ڊالرن جون زرعي شيون خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ وڏي پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي.
وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل فيڪٽ شيٽ موجب اهو واعدو گذريل هفتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو.
رپورٽ موجب چين ايندڙ ٽن سالن ۾ آمريڪا کان مختلف زرعي شيون درآمد ڪندو، جنهن ۾ سويابين، اناج ۽ ٻيون زرعي شيون شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. وائيٽ هائوس واضح ڪيو ته 17 بلين ڊالر جي نئين ڊيل ۾ آڪٽوبر 2025 ۾ سويابين خريد ڪرڻ جو عزم شامل ناهي.
فيڪٽ شيٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چيني پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ يو ايس چائنا بورڊ آف ٽريڊ ۽ يو ايس چائنا بورڊ آف انويسٽمينٽ قائم ڪرڻ جي تجويز جي تصديق ڪئي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چين جي دوري تان واپسي تي صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ اهم واپاري معاهدا ٿي چڪا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هن وقت بهترين سطح تي آهن.
ماهرن موجب چين پاران آمريڪي زرعي شين جي وڏي پئماني تي خريداري آمريڪي هارين لاءِ معاشي طور تي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ان معاهدي جا عالمي واپاري مارڪيٽن تي به مثبت اثر پئجي سگهن ٿا.


