ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهيون پاڪستان جي ثالثي ۾ جاري آهن ۽ ٻنهي ملڪن ايران جي تازي تجويز تي پنهنجا ردعمل ۽ رايا پڻ موڪليا آهن.
ترجمان موجب ڳالهين جو عمل سڌو سنئون نه پر ثالثي چينل ذريعي اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته هاڻوڪي پيش رفت جي باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ بنيادي اختلاف برقرار آهن پر رابطي جو سلسلو نه ڪٽجي ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران پنهنجون تجويزون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ آمريڪا کان به جواب ملي ويو آهي، جنهن تي وڌيڪ غور ڪيو پيو وڃي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، ايراني ۽ عماني ٽيڪنيڪل ٽيمن گذريل هفتي عمان ۾ آبنائے هرمز جي محفوظ شپنگ جي طريقيڪار تي ڳالهيون ڪيون ۽ آبنائے هرمز جي طريقيڪار تي ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
هن چيو ته ايران جي گڏيل عرب امارتن سميت خطي جي ڪنهن به ملڪ سان دشمني ناهي.
ايراني اختيارين موجب ڳالهين جو مقصد ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ خطي ۾ استحڪام جا طريقا ڳولڻ آهي، پر ڪنهن به حتمي معاهدي جي تصديق نه ٿي آهي.


