واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان تجويز ڪيل معاهدي تحت تهران کي اهم معاشي ۽ سفارتي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا پر اهي فائدا تڏهن ئي ملندا جڏهن ايران پنهنجي رويي ۾ بنيادي تبديلي آڻيندو.
فاکس نيوز سان هڪ انٽرويو ۾، جي ڊي وينس چيو ته تجويز ڪيل معاهدو ٽن مکيه نقطن تي مشتمل آهي. سندس چوڻ هو ته پهريون شرط اهو آهي ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو، ٻيو شرط آبنائي هرمز کي عالمي جهازن لاءِ کليل رکڻ آهي، جڏهن ته ٽيون شرط ايران کي ممڪنه اقتصادي ۽ سفارتي فائدا فراهم ڪرڻ آهي.
آمريڪي نائب صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران دهشتگرد تنظيمن جي فنڊنگ بند ڪري، پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام جي بحاليءَ لاءِ حمايت ڇڏي ۽ عالمي اصولن جي مطابق عمل ڪري ته ان جا حقيقي فائدا ٿي سگهن ٿا.
جي ڊي وينس موجب جيڪڏهن ايران انهن شرطن تي عمل نه ڪندو ته ان کي ڪو به فائدو نه ملندو. هن دعويٰ ڪئي ته ان معاهدي جي صورت ۾ آمريڪا هر حال ۾ فائدي جي پوزيشن ۾ هوندو.
“ڊونالڊ ٽرمپ اهو ئي ڪيو جيڪو هو ڪرڻ آيو هو.”
وي پي جي ڊي وينس هڪ ظهور دوران انتظاميه جي ايران جي حڪمت عملي تي زور ڏنو @Gutfeldfoxدليل ڏيندي چيو ته آمريڪا پنهنجا بنيادي مقصد حاصل ڪيا ۽ هاڻي اڳتي وڌڻ جو فائدو وٺي رهيو آهي.
“اسان حاصل ڪيو جيڪو اسان حاصل ڪرڻ لاء تيار ڪيو … pic.twitter.com/btakD623Mt
– فاکس نيوز (@ فاڪس نيوز) جون 17، 2026
هن وڌيڪ چيو ته واشنگٽن جي ڪوشش آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، عالمي توانائي جي فراهمي بحال ڪرڻ ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ. هن چيو ته ايران جا فيصلا طئي ڪندا ته ان کي ڊيل جا فائدا ملن ٿا يا نه.


