سعودي عرب ۾ يوناني اهلڪارن پاران استعمال ڪيل فضائي دفاعي نظام يمن مان فائر ڪيل ميزائل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته سعودي عرب ۾ يوناني فوجي اهلڪارن جي انتظام هيٺ فضائي دفاعي نظام يمن مان فائر ڪيل ٻن بيلسٽڪ ميزائلن کي يانبو آئل ريفائنري تي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي سول ڊفينس شهرين کي امڪاني خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ يانبو ۾ ايمرجنسي الرٽ جاري ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حملو ٻن بيلسٽڪ ميزائلن سان ڪيو ويو ۽ ان جو نشانو يانبو آئل ريفائنري هئي ۽ اهي ميزائل يمن مان داغا ويا. هڪ ٻئي ذريعن پڻ تصديق ڪئي ته ميزائل کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو. رپورٽ موجب يونان هڪ معاهدي تحت 2021ع ۾ سعودي عرب ۾ آمريڪا جي ٺاهيل پيٽريوٽ ايئر ڊفينس سسٽم جي بيٽري نصب ڪئي آهي، جيڪا يوناني فوجي اهلڪار استعمال ڪندا آهن ۽ ان جو مقصد سعودي عرب جي انرجي انفراسٽرڪچر کي تحفظ ڏيڻ آهي.
Source link

يوناني دفاعي نظام سعودي عرب تي يمن مان فائر ڪيل ميزائل کي تباهه ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

