افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جو اثر رسوخ وڌڻ سان خطي ۾ امن امان جي صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي.

افغان طالبان جي اثر هيٺ افغانستان خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي چڪو آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن ٽائمز موجب افغانستان ٻيهر دهشتگردي جي محفوظ پناهه گاهه بڻجڻ سبب پاڪستان تي دهشتگردي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي.

واشنگٽن ٽائمز موجب آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف دهشتگردي جو وڏو منصوبو افغانستان مان ٻيهر جنم وٺي سگهي ٿو. 2021ع جي انخلا جا نتيجا پاڪستان تي به اثرانداز ٿي رهيا آهن، جيڪو آمريڪا جو هڪ اهم علائقائي ساٿي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واشنگٽن پاڪستان سان انٽيليجنس تعاون کي مضبوط ڪري، سرحدن جي نگراني ۾ مدد وڌائي. آمريڪي انتظاميا کي دوحا معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته طالبان پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن.

ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته 2021ع ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ کانپوءِ پيدا ٿيل سيڪيورٽي خال جا سڀ کان وڏا نتيجا پاڪستان کي ڀوڳڻا پيا آهن، افغان سرزمين مان وڌندڙ دهشتگردي نه رڳو پاڪستان پر وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن لاءِ به وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment