ٽرمپ جي نئين پاليسي، يورپي ڪارن تي ٽيڪس 25 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين مان درآمد ٿيندڙ ڪارن ۽ ٽرڪن تي محصول وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن اهڙو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ ڪيو.

ٽرمپ جو چوڻ هو ته يورپي يونين آمريڪا سان ٿيل واپاري معاهدن تي مڪمل طور تي عمل نه ڪري رهيو آهي، جنهن سبب اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن جي مطابق، يورپي يونين جي گاڏين تي ٽيرف ۾ هڪ اهم اضافو ايندڙ هفتي کان لاڳو ڪيو ويندو.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن يورپي يونين جون ڪمپنيون آمريڪا اندر ڪارون ۽ ٽرڪون پيدا ڪنديون آهن ته انهن تي ڪنهن به قسم جو محصول نه لڳايو ويندو. هن چيو ته آمريڪا ۾ هن وقت ڪيتريون ئي نيون گاڏيون ۽ ٽرڪ فيڪٽريون تعمير هيٺ آهن.

ٽرمپ موجب انهن منصوبن تي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته انهن ڪارخانن ۾ آمريڪي مزدورن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو ۽ اهي جلد ڪم شروع ڪندا.

هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۾ صنعتي ترقي جي رفتار ماضي ۾ بي مثال آهي، اهي قدم ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ماهرن موجب ان فيصلي سان آمريڪا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته عالمي آٽو موبائيل مارڪيٽ تي به ان جا اثر پوڻ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment